Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

سُبْحٰنَ اللہ! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڇا شان آهي. کين مسجد بڻائڻ جو ڪيترو شوق هيو، مسجد حرام شريف جي توسيع جي ضروت پئي، جڳھ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه پيش ڪئي، مسجد نبوي شريف جي توسيع جي ضروت پئي، جڳھ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه پيش ڪئي. ان کان علاوه به مسجدون بڻائڻ، مسجدون تعمير ڪرڻ ۾ حصو وٺڻ سندن پاڪيزه وصفن مان آهي.

مسجد بڻائڻ سنتِ انبياء آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! مسجد بڻائڻ سنتِ انبياء آهي. دنيا ۾ 3 مسجدون سڀني کان افضل آهن: (1) مسجدِ حرام (جتي ڪعبو شريف آهي) (2) مسجد نبوي شريف (3) مسجد اقصيٰ. هي ٽئي مسجدون الله پاڪ جي نبين تعمير فرمايون: مسجد حرام جي پهرين تعمير حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمائي ۽ طوفان نوح کان بعد ان کي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تعمير ڪيو. مسجد اقصيٰ جي پهرين بنياد حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رکي، بعد ۾ حضرت سُليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان جي تعمير مڪمل ڪئي ۽ مسجد نبوي شريف جي ته شان ئي جدا آهي جو ان مبارڪ مسجد کي سڀني کان افضل نبي، رسول هاشمي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ پنهنجي مبارڪ هٿن سان تعمير فرمايو آهي.   

ڪاش! اسان کي به مسجد بڻائڻ جي توفيق ملي. الله پاڪ وسعت عطا فرمائي آهي ته سڄي مسجد به تعمير ڪرڻ گهرجي، وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، جيڪڏهن ايتري وسعت ناهي ته خير..!! الله پاڪ جيتري توفيق بخشي آهي، مسجد جي تعمير ۽ ترقي ۾ اوترو ئي حصو شامل ڪري وٺو! مسجد جي تعمير جي لاءِ ريتي، بجري، سيمنٽ وغيره ڏيڻ، مسجد ۾ ضروري ٽائلون وغيره لڳرائڻ، مسجد جو وضو خانو ٺهرائي ڏيڻ، منبر ٺهرائڻ، فراسين جو انتظام ڪري ڏيڻ وغيره هي سڀئي مسجد جي تعمير ۽ ترقي ئي جو حصو آهي.