Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

طاقت، پنهنجي قوت، پنهنجون صلاحيتون، پنهنجو علم، پنهنجو وقت، پنهنجو تجربو ديني ڪمن ۾ لڳائي ڪري جنت جا طلبگار بڻجي وڃو.

آخرت جي لاءِ ڪوشش ڪيو ...!!

الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ ابۡتَغِ  فِیۡمَاۤ  اٰتٰىکَ اللّٰہُ  الدَّارَ الۡاٰخِرَۃَ  (پارہ20، سورۃ القصص:77)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو مال توکي الله ڏنو آهي ان جي ذريعي آخرت جو گهر طلب ڪر

معلوم ٿيو! جيڪو مال الله پاڪ اسان کي عطا فرمايو آهي، ان جي ذريعي آخرت طلب ڪرڻ گهرجي، پنهنجو مال انهن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ گهرجي، جنهن سان انسان جنت جو حقدار بڻجي وڃي، مثال طور الله پاڪ مال عطا ڪيو آهي ته مسجد بڻايو! مدرسو بڻايو، علمِ دين  سکڻ وارن عاشقانِ رسول! طالبن تي خرچ ڪيو!  غريبن جي مدد ڪيو! يتيمن، بي سهارن جو سهارو بڻجو! ان شآءَ الله الڪريم الله پاڪ راضي ٿيندو، ثواب به ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته قبر ۽ حشر ۾ آساني سان جنت به نصيب ٿي ئي ويندي.

   اچو! ترغيب جي لاءِ مختصر طور صدقي جا ڪجهه فضائل ٻڌي وٺون ٿا. 

صدقي جا مختصر فضائل

روايتن بابت * صدقو گناهه کي مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي[1] * اِنَّہَا جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي لاءِصدقو ڪري ته اُهو صدقو ان جي ۽ باھ جي درميان (وِچ ۾) پردو ٿي ويندو آهي.[2] * صَدَقو الله پاڪ جي غضب کي وسائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪيندو آهي[3] * فرمانِ آخري نبي


 

 



[1] ابنِ ماجہ ، كتاب الفتن ،باب كف اللسان فى الفتنہ  ،صفحہ:649 ، حديث:3973 ۔

[2] معجمِ  كبير،جلد:10 ،صفحہ:409 ،حديث:20584۔

[3] ترمذى، کتاب الزكاة، باب ما جاء فى فضل الصدقہ،صفحہ:189،حديث:664 ۔