Book Name:Jannat Ke Kharidar
چشمو عطا ڪيو ويندو. هي خبر ٻڌي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡها هو کوھ خريدي مسلمانن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.[1]
حضرتِ شيخ عبدالحق محدثِ دهلوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اهو کوھ هڪ غِيرمسلم جو هو. اهو هن کوھ جو پاڻي مسلمانن کي پيسن تي ڏيندو هو. حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن کوھ کي خريدڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي ته حضرتِ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اُن يهودي کان 12000 درهم جي بدلي ۾ اڌ کوھ خريدي ورتو، جڏهن ان يهودي کي باقي حصي مان منافعو ڪمائڻ مشڪل ٿي ويو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ 8000 درهم جي بدلي باقي حصو به خريد ڪري ورتائين (۽ تمام مسلمانن تي وقف ڪري ڇڏيو.)[2]
اي الله! عثمان جي لاءِ جنت لازم ڪري ڇڏ
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مبارڪ کوھ جي شان و شوڪت ۽ عظمت تي لکين سلام جو هن مبارڪ کوھ مان الله پاڪ جي پياري پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پاڻي پيئڻ به ثابت آهي. حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو هتان تشريف کڻي وڃي رهيا هئا ته مسلمانن سندن خدمت بابرڪت ۾ عرض ڪيو ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هن (کوھ) کي خريد ڪري صدقو ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا گهري: موليٰ! عثمان جي لاءِ جنت لازم ڪري ڇڏ. پوءِ ان مان پاڻي گهرائي پيتائون ۽ ارشاد فرمايائون: هن واديءَ ۾ عنقريب ڪيترائي چشما ٿيندا جيڪي تمام گهڻو مٺا هوندا پر بير مُزني(يعني بيرِ رومه) انهن سڀني کان مٺو هوندو.[3]