Book Name:Jannat Ke Kharidar
عثمان اهي آهن جو انهن کي ملائڪ”ذُوالنُّورَين“ چوندا آهن، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا نياڻا آهن، پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي جنَّت جي بشارت ڏني۔[1] *
نبی کے نور دو لے کر وہ ذو النورین کہلائے انہیں حاصِل ہوئی یوں قربتِ محبوبِ رحمانی[2]
* اسلام جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شهادت کان بعد مسلمانن جي ڪثرتِ راءِ سان حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه خليفو مقرر ٿيو، 12 سال تائين خليفا رهيا، 18 ذو الحجه 35 سن هجري جو 40 ڏينهن بُکايل اُڃايل رهي ڪري نهايت مظلوميت سان شهيد ڪيا ويا۔[3]
امام الاَسْخِیا کر دو عطا حِصّہ سخاوت کا قناعت ہو عنایت، دیں نہ دولت کی فراوانی
مجھے اپنی سخاوت کے سمندر سے کوئی قطرہ عطا کردو نہیں درکار مجھ کو تاجِ سلطانی([4])
اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان اسان جي پياري محبوب آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هر صحابي جنتي ئي آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ کُلًّا وَّعَدَ اللّٰہُ الۡحُسۡنٰی ؕ (پارہ:27 ،سورۂ حدید:10)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن سڀني کان الله جنت جو وعدو فرمائي چڪو: