Book Name:Jannat Ke Kharidar
جو سَر مبارڪ کان مٿي ٿي ويا، پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي لاءِ اهڙي دُعا فرمائي جو کين اهڙي دُعا ڪڏهن ڪنهن جي لاءِ نه ڪندي ڏٺو هو.[1]
هڪ روايت ۾ آهي: رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا گھري: اي الله پاڪ! مان عثمان سان راضي آهيان تون به عثمان سان راضي ٿي وڃ.[2]
حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّي الله عَلَيه وَسَلَّم کي ڏٺو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي رات حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي لاءِ هي دُعا گھرندا رهيا: اي الله پاڪ! مان عثمان سان راضي ٿيس تون به هن کا راضي ٿي وڃ. [3]
اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا
گرمی پہ یہ بازار ہے عثمانِ غنی کا اللہ خریدار ہے عثمانِ غنی کا([4])
حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خوشنصيبي
اي عاشقانِ رسول! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خوش نصيبي ڏسو! رشڪ لائق ڳالھ آهي، پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڄي رات سندن لاءِ دُعا فرمائي: ياالله! مان عثمان سان راضي آهيان، تون به هن کان راضي ٿي وڃ۔
الله اڪبر! جنهن سان محبوبِ خدا، ٻنهي جھانن جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿي وڃن، ان کي ٻيو ڇا گھرجي...!!
خدا کی رضا چاہتے ہیں دو عالَم خدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ([5])