Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

وضاحت: هن شعر ۾ اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث شريف جي طرف اشارو فرمايو جنهن ۾ هي بيان آهي ته قيامت واري ڏينهن الله پاڪ سڀني اڳين ۽ پوئين کي جمع ڪري پنهنجي محبوب کي فرمائيندو: كُلُّ أَحَدٍ يَطْلُبُ رِضَايَ وَأَنَا ‌أَطْلُبُ ‌رِضَاكَ يعني اي محبوب! هي سڀئي منهنجي رضا چاهين ٿا، پر اي منهنجا محبوب! مان تنهنجي رضا چاهيان ٿو.[1]

 

رضاءِ مصطفي ملڻ معمولي ڳالھ ناهي

ياد رکو! محبوبِ خُدا، سرورِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا ملڻ ڪا عام ڳالھ نه آهي، تمام وڏي فضيلت آهي۔ امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: آخرت ۾ الله پاڪ جي طرفان جنّت وارن کي جيڪو سڀ کان وڏو انعام ملندو، اهو الله پاڪ جي رضا آهي۔

هاڻي ڏسڻو هي آهي ته الله پاڪ جي رضا ڪيئن ملندي آهي؟ سيدي اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

بَہم عَہْد باندھے ہیں وَصْلِ اَبَد کا                                  رضائے  خُدا  اور  رضائے  محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ([2])

 وضاحت: يعني هڪ آهي الله پاڪ جي رِضا، هڪ آهي محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا، هنن ٻنهي (يعني رضاءِ خُدا ۽ رضاءِ مصطفيٰ)پاڻ ۾ هميشه هميشه جي لاءِ هي پڪو واعدو ڪيو آهي ته ٻئي گڏجي ئي رهنديون، يعني جنهن کي الله پاڪ جي رضا گھرجي، اهو محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي ڪري وٺي، جنهن سان محبوبِ خُدا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ راضي ٿي ويا، رب پاڪ به ان کان راضي ٿي ويندو۔

معلوم ٿيو جنهن سان الله پاڪ جا محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] ۔۔۔ تفسیر کبیر، پارہ:2، البقرہ، زیرآیت:142،جلد:2،صفحہ:82۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:65۔