Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

بن عَفان هوندو۔[1] * حضرت جابر بن عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي سرڪار مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَنْتَ وَلِیِّیْ فِی الدُّنْیا وَ اَنْتَ وَلِیِّیْ فِی الْآخِرَۃِ  يعني اي عثمان! تون دنيا ۾ به منهنجو دوست آهين، آخرت ۾ به منهنجو محبوب ۽ دوست آهين.[2] * صحابي رسول سلطان المفسرين حضرت عبدالله عباس رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هاڻي هن رستي کان هڪ جنتي شخص لنگهندو، اسان ڏٺو ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه  تشريف کڻي آيا.[3]

دروازو کولي ڇڏيو! ۽ انهن کي جنت جي بشارت ڏيو!

    صحابي رسول حضرت ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان رسول اڪرم، نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ مديني جي باغن مان هڪ باغ ۾ هيس، هڪ شخص آيو، ان دروازو وڄايو،سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِفْتَحْ لَہٗ وَ بَشِّرْہُ بِالْجَنَّۃِ  ان جي لاءِ دروازو کوليو ۽ ان کي جنت جي بشارت ڏيو. فرمائن ٿا: مون دروازو کوليو ته هي حضرت ابوبڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هيا، مون کيس جنت جي خوشخبري ٻڌائي، انهن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو، ڪجھ دير کان بعد دروازو وڳو، پياري آقا،


 

 



[1] ترمذی، ابواب المناقب...الخ،  باب مناقب عثمان...الخ، صفحہ:842، حدیث: 3707 ۔

[2] مسند ِفردوس ،باب الياء،جلد:5،صفحہ:313 ، حدیث:8291۔

[3] فضائل الصحابہ لاحمد بن حنبل، صفحہ:454، حدیث:732۔