Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : صَدَقو ڏيڻ  ۾ جلدي ڪيو ڇوته بَلا صَدَقي کي اورانگهي ناهي سگهندي۔[1] * صَدَقو ڏيڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي صدقي جي ڇانو ۾ هوندو۔[2] * اَلصَّدَقَة تَسُدُّ سَبْعِیْنَ بَابًا مِّنَ السُّوءِ، صدقو بُرائي جا 70 دروازا بند ڪندو آهي.[3] * صدقو ڪرڻ واري کي صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي[4] * بيشڪ مسلمان جو صدقو عمر کي وڌائيندو[5] * صَدَقو تڪبّر ۽ غرور جي عادت جو خاتمو ڪندو آهي[6] * صدقو 70 قسم جي بلائن کي روڪيندو آهي جنهن ۾ ڪم تر بلا بدن بگڙڻ ۽ سفيد داغ آهن.[7]

لُٹاؤں تری راہ میں مال و دولت                          تو پاؤں میں تری عطا یااِلٰہی

کروں خوب صدقہ و خیرات یا ربّ!                      سخاوت کا پیکر بنا یااِلٰہی

 الله پاڪ اسان کي به دل کولي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ، مال جي نيڪ استعمال جي ذريعي جنت جو حقدار بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

اي عاشقانِ رسول! نيڪ بڻجڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ ان ذريعي الله پاڪ جي محبت ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ عاشقان رسول سان مدني قافلن ۾ سَفر ڪرڻ جو معمول بڻايو، هن جي برڪت سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! عاشقانِ رسول جي صحبت ملندي، عِلمِ دين سکڻ نصيب ٿيندو، نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذِهن


 

 



[1] مشکاة المصابیح، کتاب الزكاة، باب الانفاق وکراهیہ ...الخ،جز:1 ،جلد:1 ،صفحہ:359 ،حدیث:1887۔

[2] سننِ کبری للبیہقی،کتاب الزكاة ، باب التحریض علی...الخ ،جلد:4 ،صفحہ:379 ،حديث:7751۔

[3] معجمِ  کبير،جلد:3 ،صفحہ:148 ،حديث:4276۔

[4] شُعَبُ الْاِيمان،جلد:3 ،صفحہ:212 ،حديث:3347۔

[5] معجمِ کبیر ،جلد:6 ،صفحہ:440،حدیث:13508۔

[6] معجمِ کبیر،جلد:6 ،صفحہ:440 ،حدیث:13508۔

[7] تاریخِ بغداد،جلد:8 ،صفحہ:204 ۔