Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارُف

اي عاشقانِ رسول * حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابي رسول آهن * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پڦيء سائڻ حضرت اُمّ حڪيم رَضِىَ اللهُ عَنۡها جا ڏوهٽا آهن يا ايئن کڻي چئجي ته ڪجھ پري جي رشتي ۾ مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڀاڻيجا آهن * سابقينِ اَوَّلِين مان آهن يعني شروع ئي ۾ اسلام قبول ڪري اسلام جي دامن ۾ داخِل ٿي ويا هئا، اسلام قبول ڪرڻ ۾ سندن چوٿون يا پنجون نمبر آهي، * عشره مبشره (يعني زبانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جنّت جي بشارت ماڻڻ وارن 10 صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان) مان آهن * سرڪار اعظم، رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان ايتري محبت ڪندا هئا جو پاڻ هڪ، هڪ ڪري پنهنجون ٻه شهزاديون حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي نِڪاح ۾ ڏنيون۔[1] اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

نُور کی سرکار سے پایا دوشالہ نُور کا                        ہو مُبَارک تُم کو ذُو النُّوْرَیْن جوڑا نُور کا[2]

 * حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ مون کي وَحي فرمائي ته مان پنهنجي ٻن نياڻين جو نِڪاح عثمان سان ڪيان۔[3] * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جيڪڏهن منهنجون سؤ نياڻيون هجن ها، انهن مان هڪ جي وفات ٿئي ها ته مان ٻي عثمان جي نِڪاح ۾ ڏيان ها، ان جو انتقال ٿئي ها ته مان ٽئين عثمان جي نِڪاح ۾ ڏيان ها، ايستائين جو مان پنهنجون 100 جون 100 شهزاديون هڪ هڪ ڪري عثمان جي نِڪاح ۾ ڏئي ڇڏيان ها۔[4] * مولاءِ ڪائنات، موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ سُوال ٿيو ته فرمايائون:


 

 



[1] نزہۃ القاری، جلد:1، صفحہ:544، خلاصۃً

[2] حدائِقِ بخشش، صفحہ:246

[3] معجم الاوسط، جلد:2، صفحہ:346، حدیث:3501

[4] کنزُ العُمال، کتاب:الفضائل، جلد:7، جُز:13، صفحہ:21، حدیث:36201