Book Name:Jannat Ke Kharidar
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان هي به معلوم ٿيو ته مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مسلمانن جي خوب خيرخواهي ڪرڻ وارا هيا، سندن تنگي جي وقت پنهنجي مسلمان ڀائرن جي لاءِ پاڻي جو کوھ خريد ڪري وقف ڪري ڇڏيو.
ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي صدقي اسان به خيرخواهي ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، بکايلن کي کاڌو کارايون، پياسن کي پاڻي پياريون، خشڪ علائقن جتي پاڻي جي ڪمي هجي، اتي پاڻي جو انتظام ڪيون، پريشان حالن جي ڪم اچون، جيڪي ويچارا ڏک تڪليفن جا ماريل آهن، انهن جي غم ۾ شريڪ ٿيون، بي سهارن جو سهارو بڻجون، مطلب ته اسان مسلمانن جي ڪم اچڻ وارا، انهن جي ڀلائي چاهڻ وارا ۽ جيستائين ٿي سگهي ٻين کي فائدو پهچائڻ وارا بڻجي وڃون.
اعلٰي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ هڪ ڀيري سوال ٿيو، جنهن جو خلاصو هيو ته ڏڪار وغيره جي موقعي تي ماڻهو چندو جمع ڪري ماڻهن کي کاڌو کارائيندا آهن، هن جو ڇا حڪم آهي؟ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي جواب ۾ 60 حديثون لکيو، پوءِ فرمايو، هنن حديثن مان ثابت ٿيو ته جيڪي مسلمان هن عمل (يعني چندو جمع ڪري بکايلن اڃارن جي خير خواهي جو اهتمام ڪرڻ) ۾ نيڪ نيتي ۽ پاڪ مال سان شريڪ ٿيندا، انهن کي الله پاڪ جي ڪرم سان 25 فائدا ملڻ جي اميد آهي: (1) ان شآءَ الله الڪريم! بري موت کان بچندؤ (2): عمر ڊگهي ٿيندي (3): رزق ۾ ڪشادگي، مال جي ڪثرت ٿيندي (4): خير ۽ برڪت ماڻيندؤ (5): آفتون مصيبتون دور ٿينديون (6): برائي جا 70 دروازا بند ڪيا ويندا (7): شهر آباد ٿيندا