Book Name:Jannat Ke Kharidar
ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: ماهوار فيضان مدينه (Mahnama Faizan e Madina)۔ هن ايپليڪيشن ۾ هن وقت تائين جارِي ٿيندڙ سمورا ماهوار رسالا PDF جي صُورت ۾ موجود آهن، ان کان عِلاوه * تمام ماهوار مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگھجي ٿو * سهولت جي لاءِ سرچ آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماهوار جو ڪو مضمون وغيره تلاش به ڪري سگھجي ٿو۔ اوهان به اها ايپلي ڪيشن پنهنجي اِسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت هجي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔[1]
سنَّت کے مطابق میں ہر اِک کام کروں کاش! تُو پیکرِ سنَّت مجھے اللہ بنا دے
”مظلوم جي مدد ڪرڻ“سُنَّتِ مصطفيٰ آهي
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جيڪو ڪنهن مظلوم جي فرياد رسي ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ 73 مغفرتون لکندو، انهن مان هڪ سان ان جي تمام ڪمن جي