Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

هن زمين جي حصي کان علاوه مديني شريف جي باقي زمين مثلاً مديني شريف جون گهٽيون، مديني شريف جي مقدس بازار وغيره کي به عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام ۽ اولياءِ ڪرام جنت چوندا آهن. مثلاً خليفه اعليٰ حضرت مولانا جميل نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا:

مدینے میں ہزاروں جنتیں اُن کو نظر آئیں                    نظارہ کر تو لیں اک بار رِضْواں میری جنّت کا ([1])

  اهڙي جڳھ جنت مان اها حَقيقي جنت مراد ناهي هوندي، هي اهلِ عشق جو پنهنجو نرالو مزاج آهي، هي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نسبت جي ڪري مديني کي جنت چوندا ۽ مديني جا طلبگار به هوندا آهن.

کوئی جائے گا دوزخ کو، کوئی جنّت میں پہنچے گا          مدینے کی طرف دوڑے گا دِیوانہ مُحَمَّد کا

مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا:

سَیْرِ گلشن کون دیکھےدشتِ طیبہ چھوڑ کر            سُوئے جنّت کون جائے، دَر تمہارا چھوڑ کر

ایسے جلوے پر کروں میں لاکھ حُورَوْں کو نثار       کیا غرض کیوں جاؤں جنّت کو مدینہ چھوڑ کر

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

جنت ڪنهن شيءِ مان بڻي آهي....؟

پيارا اسلامي ڀائرو! ٿي سگهي ٿو ڪنهن جي ذهن ۾ سوال اُڀري رهيو هجي ته اهلِ عشق جنت کان وڌيڪ مديني کي ڇو طلب ڪندا آهن؟ مديني شريف کان ايتري محبت ڇو ڪئي ويندي آهي؟ ان جي متعلق اچو! هڪ حديث ٻڌون ٿا:  

 امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي استادن جي استاد محدث عبدالرزاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حديث پاڪ ذڪر ڪئي آهي، وڏي مشهور حديث شريف آهي. صحابي رسول حضرتِ


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:44۔