Book Name:Madinay Ki Barkatain
سٺي کي خالص ڪري ڇڏيندي آهي۔
سُبۡحٰنَ الله! اهو به مديني پاڪ جو نرالو شان آهي، عالم سڳورا فرمائن ٿا: هيءَ مديني جي زمين جي تاثير آهي جو هتي جيڪو غير مسلم يا منافق اچي ته مدينو پاڪ انهن کي مخلص مؤمن بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو ڪو ازلي بدبخت هجي، ڏاڍو ضدي ڪافر يا منافق هجي ته مدينو پاڪ اهڙي گندي کي هتان ڪڍي ٻاهر ڪندو آهي. ([1])
يومُ الخِلاص (يعني صفائي جو ڏينهن) ڇا آهي ...؟
مُسۡنَدِ احمد جي روايت آهي، هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ارشاد فرمايو، هن دوران پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 3 ڀيرا فرمايو: یَوْمُ الْخِلَاص وَ مَایَوْمُ الْخِلَاصِ صفائي جو ڏينهن...! صفائي جو ڏينهن ڇا آهي؟ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! یَوْمُ الْخِلَاص مان ڇا مراد آهي؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: (قيامت جي ويجهو) دجّال ايندو ۽ احد جبل تي چڙهي مديني پاڪ جي طرف ڏسندو ۽ پنهنجي ساٿين کي چوندو: ڇا اوهان سفيد محل کي ڏسي رهيا آهيو؟ اها احمدِ (مجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي مسجد آهي، پوءِ دجال مديني پاڪ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو پر مديني پاڪ جي سڀني رستن تي ملائڪ حفاظت جي لاءِ موجود هوندا (بهرحال شيطان دجال هتي داخل نه ٿي سگهندو) آخرڪار مديني پاڪ جي ويجهي هڪ کاري زمين تي بيهندو، پوءِ مديني پاڪ ۾ 3 ڀيرا زلزلو ايندو، جنهن سان سمورا منافق گهٻرائجي مديني مان نڪري دجّال وٽ پهچي ويندا. اهو یَوْمُ الخِلَاص (يعني مديني پاڪ جي صفائي) جو ڏينهن آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان خبر پئي ته مدينو پاڪ ڪنهن بي ايمان کي پنهنجي اندر پناهه نه ڏيندو ۽ گڏو گڏ اها به خبر پئي ته جيڪي مديني جا سچا