Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سُڌري ويو...؟

ڪراچي جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ سبب فضول ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو جاري هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو هو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي ۽ ساڻس گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀاءُ انهن کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندو رهيو، نيٺ اهي ٽيبل ٽينس جا شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا، الحمدلله! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي دِل جي ڪاراڻ ختم ٿيڻ لڳي، ان پنهنجي تمام گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته       ٿي ويو۔

یہاں سنتیں سیکھنے کو ملیں گی                       دِلائے گا خوفِ خُدا مدنی ماحول

تُو آبےنمازی، ہے دیتا نمازی                   خُدا کے کرم سے بَنَا مدنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت وسي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟