Book Name:Madinay Ki Barkatain
هن کان اڳتي سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت ڪمال جي ڳالهه چئي آهي، جنت جيڪا آهي، اها ستن آسمانن کان مٿي آهي ۽ جنت جي ڇت عرش اعظم آهي، هاڻي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو خيال بيمثال ڏسو! لکن ٿا:
عرشِ بَرِیْں پہ کیوں نہ ہو فردوس کا دماغ
اُتری ہوئی شبیہ ترے بام و دَر کی ہے
وضاحت: جنت جي ڇت جيڪا عرش اعظم آهي، هن کي ان پهلو سان ڏسو ته ڄڻ ناز ۽ فخر ۾ جنت جو دماغ عرش اعظم تائين وڃي پهچي ٿو، اهو ناز، اهو فخر ڇو آهي، انڪري جو جنت پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دروديوار جي شبيهه يعني تصوير آهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
قرآنِ ڪريم ۾مدينهءِ منوره جو ذڪر خير
اي عاشقانِ مدينه! مدينو مُنَوَّر وڏي شان وارو شهر آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ڪيئي مقامن تي ان جو ذڪر خير ڪيو آهي بلڪ مديني پاڪ جو معروف نالو يعني ”مَدِينَه“ به قرآنِ ڪريم ۾ 4 ڀيرا آيو آهي۔ قرآن ڪريم ۾ هڪ هنڌ مديني کي مُدْخَلَ صِدْقٍ (يعني داخِل ٿيڻ جي سچي جڳھ) فرمايو ويو آهي، هڪ هنڌ مديني شريف کي دَارُ الْہِجْرت (يعني هجرت جو مقام) ۽ دارُ الْاِیمان (يعني ايمان جو گهر) فرمايو ويو. هڪ مقام تي هن مبارڪ شهر کي حَسَنَه (يعني خوبصورت) چيو ويو آهي.
مدينو ”اَرضُ الله“ آهي
اهڙي طرح مديني پاڪ جي هڪ اهم فضيلت هيءَ به آهي ته ربّ ڪائنات قرآنِ ڪريم ۾ ان کي اَرۡضُ الله (يعني الله پاڪ جي زمين) فرمايو آهي. جيئن ارشاد آهي: