Book Name:Madinay Ki Barkatain
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو! * مدينو پاڪ عاشقن جي جنت آهي * قرآن ڪريم ۾ مديني پاڪ کي اَرْضُ اللہ (يعني الله جي زمين) فرمايو ويو آهي * مديني جي هر شيءِ برڪت واري آهي * اتي مڪي پاڪ جي نسبت ٻيڻي برڪت رکي وئي آهي * مدينو مرادون پوريون ٿيڻ جو مقام * مدينو بٺي آهي يعني هي اهو مبار شهر آهي جيڪو ازلي بدبخت، ضدي ڪافرن ۽ منافقن کي قبول ناهي فرمائيندو ۽ جيڪو پڪو مسلمان، سچو عاشقِ رسول هتي اچي وڃي، ان کي گناهن جي گندگي کان نجات ڏئي ڇڏيندو آهي * الحمد لله! مدينو پاڪ گناهه مِٽائڻ وارو شهر آهي * مدينو پاڪ ايمان کي تازگي بخشڻ وارو شهر آهي * ۽ الله پاڪ جي عطا سان، الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان مديني پاڪ جي خاڪ ۾ سڀني بيمارين جي شفا رکي وئي آهي. مديني پاڪ جون ٻيون به کوڙ ساريون برڪتون آهن پر حقيقت اها ئي آهي ته
زندگیاں ختم ہوئیں اور قلم ٹوٹ گئے تیرے اَوْصاف کا اِک باب بھی پُورا نہ ہوا
ڪير آهي جيڪو رسولِ رحمت، شفيغِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت رکڻ واري ڪنهن به شيءِ جي پوري طرح فضيلت بيان ڪري سگهي ٿو...!! اسان دعا ڪيون ٿا ته جيڪو مختصر طور تي اسان مديني پاڪ جو ذڪر ڪيو، الله پاڪ ان جي برڪت سان اسان کي عشقِ مدينه نصيب فرمائي، شوقِ مدينه، نصيب فرمائي، ڪاش! مديني پاڪ ۾ باربار حاضري ٿئي، آخر ۾ بقيع پاڪ ۾ ٻه گز زمين ملي وڃي، الله پاڪ اسان سڀني کي عشقِ مدينه، ذوقِ مدينه، ذڪرِ مدينه، فڪرِ مدينه، يادِ مدينه جي دولت نصيب فرمائي.
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ