Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

اَلَمْ تَكُنْ اَرْضُ اللّٰهِ وَاسِعَةً فَتُهَاجِرُوْا فِیْهَاؕ       (پاره5،سورةالنساء:97)

ترجموڪنزالايمان: ڇا الله جي زمين کليل نه هئي جو توهان ان ۾ هجرت ڪريوها.

عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن آيت ۾ ”اَرضُ الله“ مان مراد مدينو پاڪ آهي۔

(وفاء الوفاء(مترجم)، جلد:1، صفحہ:52)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

مديني جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اي عاشقانِ مدينه! الحمد لله! مدينو پاڪ نهايت بابرڪت مقام آهي، اچو! مديني جون ڪجهه برڪتون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا.

(1) مديني پاڪ جي هر شيءِ برڪت واري آهي

مديني پاڪ جي هڪ نهايت اهم برڪت اها به آهي ته هتي هر شيءِ ۾ ٻيڻي برڪت رکي وئي آهي. جيئن ته صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه  کان روايت آهي، رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مديني پاڪ جي حق ۾ هيئن دعا فرمائي:  

اَللَّهُمَّ اجْعَلْ بِالْمَدِينَةِ ضِعْفَيْ مَا جَعَلْتَ بِمَكَّةَ مِنَ البَرَكَةِ

يعني اي الله پاڪ! جيتري برڪت تو مڪي پاڪ ۾ رکي آهي، ان کان ٻيڻي برڪت مديني پاڪ ۾ رک. ([1])

 هن حديث پاڪ جي شرح ڪندي عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن حديث پاڪ مان ظاهري باطني ٻنهي طرح جون برڪتون مراد آهن يعني دعاءِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1]...بخاری، ابواب ذکر المدینۃ، صفحہ:21۔