Book Name:Madinay Ki Barkatain
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي! جيڪي عاشق آهن، انهن جو ته ايمان مديني جو نالو ٻڌي ڪري به تازو ٿي ويندو آهي، عاشقن جو ايمان مديني جون شيون ڏسي ڪري مديني پاڪ کان آيل تبرڪات کي ڏسي ڪري مديني پاڪ جون کجورون کائي پنهنجي شهر ۾ رهي ڪري به انهن جو ايمان تازو ٿي ويندو آهي، ته جڏهن اهي مديني پهچندا ته پوءِ ايمان جي تازگيءَ جو عالم ڇا هوندو؟.
(6): مدينو پاڪ شفا ڏيندڙ شهر آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! مديني پاڪ جي پيارن پيارن، سهڻن سهڻن، سٺن سٺن نالن مان هڪ پيارو نالو آهي: اَلشَّافِيه يعني شِفَا ڏيڻ وارو شهر۔ * مديني پاڪ جو اهو نالو ان ڪري آهي جو الله پاڪ جي حبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: غُبَارُ الْمَدِیْنَۃِ شِفَاءٌ مديني پاڪ جو غُبَار شِفَا جو سبب آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:355، حدیث:5753) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ ته پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قسم کڻي فرمايو: وَالَّذِي نَفسِي بِيدِهٖ ان ذات جو قسم جنهن جي قبضهءِ قُدرت ۾ منهنجي جان آهي اِنَّ فِیْ غُبَارِھَا شِفَاءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ بيشڪ مديني پاڪ جي غُبار ۾ هر بيماري جي شِفَا آهي۔ (الترغیب والترہیب، فی سکنی المدینہ، صفحہ:416، حدیث:28) * بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، اُمُّ المؤمنين، بي بي عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا فرمائن ٿيون: ڪنهن شخص کي ڦٽ ڦُرڙي وغيره ٿيندي هئي ته طبيبن جا طبيب، الله پاڪ جا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آڱر مبارڪ رکي فرمائيندا هئا: بِسْمِ اللہ! الله پاڪ جي حڪم سان اسان جي شهر جي مٽي ۽ اسان جي بعض جو لُعَاب اسان جي بيمارن کي شفا ڏيندو آهي۔ ([1])