Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

عجب رنگ پر ہے بہارِ مدینہ         کہ سب جنتیں ہیں نثارِ مدینہ

مَلائک لگاتے ہیں آنکھوں میں اپنی               شب و روز خاکِ مزارِ مدینہ

رہیں اُن کے جلوے بسیں اُن کے جلوے       مرا دل بنے یادگارِ مدینہ

مری خاک یاربّ نہ برباد جائے                    پسِ مرگ کردے غبارِ مدینہ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اِجتِماع

  پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ عشق مدينه وڌائڻ، يادِ مدينه، ذِڪرِ مدينه ڪرڻ، گُنَاهن ۽ فضوليات کان بچڻ، سٺي، بامقصد، سنتن ڀري ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حِصّو وٺو، انشآءَ الله الڪريم! دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اِجتِماع۔

الحمد لله! هر جمعرات جو مغرب جي نماز کان پوءِ ۽ بعض هنڌن تي عِشَاء جي نماز کان پوءِ دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تِلاوت، نعت، بيان ۽ ذِڪر و دُعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقه به لڳايا ويندا آهن، اهڙي طرح هفتيوار اِجتماع جي ذريعي نيڪيون ڪمائڻ ۽ عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو خوب موقعو ملندو آهي، اوهان به پَڪي نيت فرمايو ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! هر جمعرات پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندس ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به گڏ آڻيندس۔


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:212-213۔