Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

 مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: جيڪو پاڻي هڪ روايت جي مطابق حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي قدمن مان جارِي ٿيو، يعني آبِ زَم زَم، جڏهن اهو بيمارن کي چڱو ڀلو ڪري ٿو ته جنهن خاڪ تي تمام نبين جي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قدم رکيا آهن، اها مبارڪ خاڪ ”خاڪِ شِفَا“ ڇو نه ٿيندي..!! ([1])

جس خاک پہ رکھتے تھے قدم سیِّد عالم                اُس خاک پہ قرباں دلِ شیدا ہے ہمارا

الحمد لله! عاشِقِ مدينه، عاشِق واليءِ مدينه، شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه کي ڏٺو ويو ته پاڻ دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه مديني پاڪ جي مٽي شريف کي باقاعده سرمداڻي جي سِرائي تي لڳائي اکين ۾ وڌائون بلڪ پاڻ دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه مديني پاڪ جي نصيب وارن ڪبوترن جي پيرن جي نشانن مان خاڪِ مدينه کڻي، سرمداڻي جي سرائي تي لڳائي پنهنجي اکين ۾ وڌائون ۔

لگاؤ تم آنکھوں میں خاکِ مدینہ                      کوئی اس سے بہتر بھی سرمہ بھلا ہے

مریضو! اُٹھا کر کے خاکِ مدینہ                       کو لے جاؤ! اس میں یقیناً شِفَا ہے

مدینے کی مٹی ذرا سِی اُٹھا کر                          پیو گھول کر ہر مرض کی دوا ہے

عقیدت سے خاکِ مدینہ بدن پر                      مَلو تم ہر اِک درد کی یہ دوا ہے

بدن پر ہے عطّؔار کے خاکِ طیبہ                    پرے ہٹ جہنّم تِرا کام کیا ہے([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...رسائل نعیمیہ، اسرارالاحکام، صفحہ:306۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:465۔