Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ 

 (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث:220)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد  

”غمخواري “ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

   فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جيڪو ڪنهن غمزده شخص سان تعزيت (يعني غمخواري )ڪندو ته الله پاڪ ان کي تقوي جو لباس پارائيندو، ۽ رُوحن جي وچ ۾ ان جي رُوح تي رحمت فرمائيندو، ۽ جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت (يعني غمخواري) ڪندو الله پاڪ جنت جي لباسن مان اهڙو لباس عطا ڪندو جنهن جي قيمت دُنيا به نٿي ٿي سگھي۔ ([1])

اي عاشقانِ رسول! غمخواري ڪرڻ سنّت مصطفٰي آهي * اسان جا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اصحابن سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان جي حالات جي مَعلُومَات ڪندا هئا ۽ ضرورت موجب اُنهن جي غم خواري به ڪندا هئا، مثال طور * جيڪڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ان جي عيادت ڪندا هئا * ڪو سفر ۾ هوندو هو ته ان جي لاءِ دُعا ڪندا هئا * ڪنهن جو انتقال ٿي ويندو هو ته ان جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندا هئا۔ رِوايت آهي ته هڪ حبشي عورت يا مرد مسجد ۾ ٻهارو ڏيندو هو، هڪ ڏينهن ان کي مسجد ۾ نه ڏٺائون، ته ان جي بابت پڇيائون؟ عرض ڪيو ويو: ان جو انتقال ٿي ويو آهي، ارشاد فرمايائون: توهان مون کي ڇو نه ٻڌايو؟ مون کي ان جي قبر تي وٺي هلو! پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي قَبر تي ويا ۽ بخشش لاءِ دعا


 

 



[1]...مُعْجَمُ الْأَوْسَط، جلد:6، صفحہ:429، حدیث:9292۔