Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

اي زائر ِروضه انور! بخشش حاصل ڪري موٽو!

حضرت سيدنا حاتِم اَصَم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه رحمتِ عالم، نور مُجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضي مبارڪ وٽ بيهي دعا ڪئي؛ ياربّ ڪريم! مون تنهنجي حبيب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قبر اطهر جي زيارت ڪئي، هاڻي تون مون کي نامراد نه موٽاءِ۔ آواز آيو؛ اي ٻانها! اسان توکي پنهنجي محبوب جي مزار شريف جي زيارت جي اجازت ئي تڏهن ڏني جڏهن توکي پاڪ ڪرڻ چاهيو ٿي، هاڻي تون ۽ تو سان گڏ زيارت ڪرڻ وارا بخشش حاصل ڪري موٽي وڃو، بيشڪ الله پاڪ تو کان ۽ انهن سڀني کان راضي ٿي ويو جنهن پياري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضي شريف جي زيارت ڪئي۔ ([1])

سُبۡحٰنَ الله! اهو آهي مدينو...! مدينو بٺي آهي جيئن بٺي لوهه کي گرم ڪري ان جو زنگ لاهي ڇڏيندي آهي، ائين ئي مدينو پاڪ هتي اچڻ وارن کي گناهن کان پاڪ صاف ڪري ڇڏيندو آهي.  

کوئی مَنْصُور، کوئی بَن کے غزالی آئے              اُن کے دربار سے ہو کر جو سُوالی آئے

اُن کی رحمت کو تَو یہ بات گوارا ہی نہیں            اُن کی چوکھٹ پہ کوئی جائے تو خالی آئے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

(5) مدينو ايمان کي تازگي بخشيندو آهي

بخاري شريف ۾ حديث پاڪ آهي: حضرت ابو هريره رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه روايت ڪن ٿا:  اِنَّ الْاِيمَانَ لَيَاْرِزُ اِلَى الْمَدِينَةِ كَمَا تَاْرِزُ الْحَيَّةُاِلَى جُحْرِهَا بيشڪ ايمان مديني جي طرف سمٽجي ويندو آهي جيئن نانگ پنهنجي ٻرڙ (سوراخ) جي طرف سمٽجي ويندو آهي. ([2])


 

 



[1]...روض الفائق، صفحہ:306۔

[2]... بخاری، کتاب  فضائل المدینہ، صفحہ:498، حدیث:1876۔