Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

عاشق آهن، جيڪي پڪي ايمان وارا آهن، اهي ڪنهن به حالت ۾ مدينو نه ڇڏيندا، ڏسو! قيامت جي ويجهو مديني پاڪ ۾ زلزلو ايندو، ان وقت هتي مخلص مسلمان به هوندا، منافق ۽ لڪيل ڪافر به هوندا، منافق ته زلزلي کان گهٻرائي ڪري مدينو ڇڏي ڏيندا پر مخلص مسلمان، سچا ۽ پڪا عاشق ان وقت به مدينو ڇڏي ڪري ڪيڏانهن نه ويندا. سُبۡحٰنَ الله! اها آهي سچي عاشق ۽ مسلمان جي سڃاڻپ...!!

ٹھکانا مِل گیا ہے فاتِحِ محشر کے دامن میں          مدینہ چھوڑ کر اب اُن کا دِیوانہ نَہ جائے گا

جو آنا ہے تو خُود آئے اَجَلْ عمرِ اَبَد لے کر           مدینہ چھوڑ کر اب اُن کا دِیوانہ نَہ جائے گا

بڑی مشکل سے آیا ہے پلٹ کر اپنے مرکز پر      مدینہ چھوڑ کر اب اُن کا دِیوانہ نہ جائے گا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(4): مدينو گناهه مِٽائڻ وارو شهر آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلْمَدِیْنَۃُ کَالْکِیْرِ  تَنْفِیْ خُبُثَہَا وَ یَنْصَحُ طَیِّبَہَا مدينو بٺي جيان آهي جيڪا لوهه جي مَرُ کي پري ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سٺي کي خالص ڪري ڇڏيندي آهي۔

هن حديث پاڪ جي شرح ۾ عالم سڳورن اهو به لکيو ته مدينو اهو مبارڪ شهر آهي جو بدبخت ضدي ڪافرن ۽ منافق کي ته هتان ڪڍي ڇڏيندو آهي پر اهو مسلمان جنهن دل سان ڪلمو پڙهيو، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!جو سچو عاشق هجي پر نفس جي شامت سبب گناهه ڪري ويٺو هجي، گناهه ڪري ڪري ان جي دل ميري ٿي وئي هجي، اهو جيڪڏهن مديني پاڪ ۾ اچي وڃي ته مدينو پاڪ ان جي گناهن کي ڌوئي ڪري پاڪ صاف ڪري ڇڏيندو آهي.