Book Name:Madinay Ki Barkatain
مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خُلاصو آهي: پهريان نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَرض جي جڳھ تي آڱر رکندا هئا، پوءِ آڱر تي پنهنجو لُعَاب شريف لڳائيندا هئا، پوءِ مٽي لڳائيندا هئا ۽ ان جو ليپ مرض جي جڳھ تي هڻي فرمائيندا هئا: الله پاڪ جي حڪم سان اسان جو لُعَاب ۽ مديني جي مٽي شِفَا آهي۔ ([1])
خاڪِ مدينه جي برڪت سان شِفَا ملڻ بابت ٻه حڪايتون
* شيخ مَجدُ الدِّين فيروز آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجو غلام هڪ سال کان بخار ۾ ورتل هو، مون خاڪِ شفا کنئي ۽ پاڻي ۾ (ٿوري مقدار) ملائي پيئاري ته اَلۡحَمۡدُلله انهيءَ ڏينهن ئي شفاياب ٿي ويو ۔ ([2]) * شيخ عبد الحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان مديني پاڪ حاضِر هيس، ڪنهن مرض جي ڪري منهنجو پير سُڄي ويو، طبيبن ان کي خطرناڪ مرض قرار ڏنو ۽ علاج کان هٿ کڻي ويا۔ مون مديني پاڪ جي مٽي کنئي ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلۡحَمۡدُلله ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڏي آسانيءَ سان اها سوڄ ختم ٿي وئي۔ ([3])
سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول ! مديني پاڪ جي مبارڪ مٽي ۾ الله پاڪ اهو تاثِير رکيو آهي جو ان جي برڪت سان ظاهري جسم جا مرض به ٺيڪ ٿي ويندا آهن ۽ گُنَاهن جي مرضن کان به شِفَا ملندي آهي، هائو! عقيدو ٺيڪ هئڻ ضروري آهي۔
جس خاک پہ رکھتے تھے قدم سیِّد عالم اُس خاک پہ قرباں دلِ شیدا ہے ہمارا