Share this link via
Personality Websites!
مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خُلاصو آهي: پهريان نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مَرض جي جڳھ تي آڱر رکندا هئا، پوءِ آڱر تي پنهنجو لُعَاب شريف لڳائيندا هئا، پوءِ مٽي لڳائيندا هئا ۽ ان جو ليپ مرض جي جڳھ تي هڻي فرمائيندا هئا: الله پاڪ جي حڪم سان اسان جو لُعَاب ۽ مديني جي مٽي شِفَا آهي۔ ([1])
خاڪِ مدينه جي برڪت سان شِفَا ملڻ بابت ٻه حڪايتون
* شيخ مَجدُ الدِّين فيروز آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجو غلام هڪ سال کان بخار ۾ ورتل هو، مون خاڪِ شفا کنئي ۽ پاڻي ۾ (ٿوري مقدار) ملائي پيئاري ته اَلۡحَمۡدُلله انهيءَ ڏينهن ئي شفاياب ٿي ويو ۔ ([2]) * شيخ عبد الحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مان مديني پاڪ حاضِر هيس، ڪنهن مرض جي ڪري منهنجو پير سُڄي ويو، طبيبن ان کي خطرناڪ مرض قرار ڏنو ۽ علاج کان هٿ کڻي ويا۔ مون مديني پاڪ جي مٽي کنئي ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلۡحَمۡدُلله ٿورن ئي ڏينهن ۾ وڏي آسانيءَ سان اها سوڄ ختم ٿي وئي۔ ([3])
سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول ! مديني پاڪ جي مبارڪ مٽي ۾ الله پاڪ اهو تاثِير رکيو آهي جو ان جي برڪت سان ظاهري جسم جا مرض به ٺيڪ ٿي ويندا آهن ۽ گُنَاهن جي مرضن کان به شِفَا ملندي آهي، هائو! عقيدو ٺيڪ هئڻ ضروري آهي۔
جس خاک پہ رکھتے تھے قدم سیِّد عالم اُس خاک پہ قرباں دلِ شیدا ہے ہمارا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami