Book Name:Madinay Ki Barkatain
پڙهڻ جي عادت بڻايون ته ان شآءَ الله الڪريم! مديني جي حاضري به نصيب ٿي ئي ويندي. الله پاڪ اسان کي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي توفيق نصيب ڪري. اچو! بارگاهه رسالت ۾ درخواست پيش ڪيون ٿا:
مجھے مدینے کی دو اجازت نبئ رحمت، شفیعِ اُمّت
پِلاؤ بُلوا کے جاِ اُلْفت نبئ رحمت، شفیعِ اُمّت
قلیل روزی پہ دو قناعت فضول گوئی سے دیدو نفرت
درود پڑھتا رہوں بکثرت نبئ رحمت، شفیعِ اُمّت
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيّت اَفضل تَرين عَمَل آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺي نيّت ٻانهي کي جنّت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿي. بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيّتون ڪري ڇڏيو! مثلاً نيت ڪيو! * عِلمِ دين سکڻ لاءِ پورو بيان ٻڌندس * ادب سان ويهندس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
شيخِ طريقت اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا پير صاحب سيدي قطبِ مدينه مولانا ضياءُالدّين مدني صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ڪامل ولي هئا، کين اها سعادت نصيب ٿي جو 75 سال مديني پاڪ ۾ رهڻ جو شرف مليو. هاڻي به الحمد لله! جنت البقيع ۾ آرام