Book Name:Madinay Ki Barkatain
فرما آهن. سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اهو معمول مبارڪ هو ته سندن رهائش تي محفلِ پاڪ ٿيندي هئي، پاڪستان، هند يا ٻين ملڪن مان جيڪي عالم سڳورا مديني منوره حاضر ٿيندا هئا، اهي به هن محفلِ پاڪ ۾ بيان فرما ئيندا هئا.
هڪ ڀيري پاڪستان جا هڪ وڏا عالمِ دين حضرت علامه منظور احمد شاهه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مديني پاڪ ۾ حاضر هئا، انهن سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي رهائش گاهه تي محفل پاڪ ۾ بيان فرمايو، هن بيان ۾ پاڻ پنهنجو واقعو ٻڌايائون، ڏاڍو ايمان تازو ڪندڙ واقعو آهي، فرمائڻ لڳا: مديني پاڪ ۾ جتي منهنجي رهائش گاهه آهي، اتان کان مسجد نبوي شريف ايندي، رستي ۾ هڪ مجذوب نظر ايندو هو(مجذوب به الله پاڪ جو ولي ۽ شريعت جو پابند هوندو آهي، ان تي الله پاڪ جي محبت ايتري غالب اچي ويندي آهي جو ان کي دنيا جو هوش ناهي رهندو، ان ڪري بظاهر ڏسڻ ۾ ديوانو لڳندو آهي).
خير! علّامه منظور احمد شاهه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اهو مجذوب رستي ۾ نظر ايندو هو پر ڪڏهن ان ڏانهن ڪا خاص توجهه نه وئي، مان ان کي ڪو عام ديوانو سمجهي گذري هليو ويندو هئس، هڪ ڏينهن رَوْضَۃُ الْجَنَّہ (جنتي ڄاري يعني پياري آقا، مڪي مدني مصطفي جي روضه انور ۽ منبر اقدس جي درميان واري جڳھ) جي حاضري جي سعادت ملي، هتان سعادتون ماڻڻ کان بعد مان جنت البقيع هليو ويس، ان دوران ائين ئي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته سُبۡحٰنَ الله! مدينو پاڪ اهو مبارڪ شهر آهي، جتي ٻه جنتون آهن: (1): رَوْضَۃُالْجَنّۃ (2): جنّتُ الْبَقِیْع
اهڙي طرح جون ڳالهيون سوچيندي مان پنهنجي رهائش گاهه ڏانهن وڃي رهيو هئس، رستي ۾ انهيءَ مجذوب صاحب وٽان گذر ٿيو، ان مون کي سڏيو: