Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

جي معنٰي هيءَ آهي ته اي الله پاڪ! مديني پاڪ جي عبادت ۾، مديني پاڪ جي رزق ۾ مڪي پاڪ جي نسبت ٻيڻي برڪت عطا فرماءِ. مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مديني پاڪ ۾ رزق جون برڪتون ته اڄ به اکين سان ڏٺيون پيون وڃن ته اتي(هر طرح جا) ميوا، فروٽ ميسر هوندا آهن، اتان جي آب و هوا اهڙي پياري آهي جو مڪي پاڪ جي اهڙي ناهي ۽ عشق جو فيصلو اهو آهي ته مڪي پاڪ جي عبادت جو ثواب جيتوڻيڪ زياده آهي (جو اتي هڪ نماز جو ثواب هڪ لک جي برابر آهي پر) مديني پاڪ جي عبادت ۾ الله پاڪ جو قرب وڌيڪ آهي، هن عبادت جو درجو اعلٰي آهي. ([1])

شاہ تم نے مدینہ اپنایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

اپنا روضہ اسی میں بنوایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی

ہر طرف بھینی بھینی ہے خوشبو، سوز ہی سوز ہر جگہ ہر سُو

فرش تا عرش نور ہے چھایا، واہ کیا بات ہے مدینے کی([2])

(2): مرادون پوريون ٿيڻ جو مقام

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني پاڪ جي برڪتن مان هڪ برڪت اها به آهي ته هي اهو مبارڪ شهر آهي جتي دل جون مرادون پوريون ٿينديون آهن. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڇا ته خوب فرمايو آهي. لکن ٿا:

بُلاتے ہیں اسی کو جس کی بگڑی یہ بناتے ہیں      کمر بندھنا دیارِ طیبہ کو کھلنا ہے قسمت کا

اها واقعي حقيقت آهي، مديني جو گهرائڻ ئي هن ڳالهه جي علامت آهي ته ٻانهي جي قسمت کلي وئي آهي، هاڻي مرادون پوريون ٿيڻ، مشڪلاتون ٽرڻ ۽


 

 



[1]...مرآۃُ المناجیح، ۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:388-390۔