Book Name:Madinay Ki Barkatain
اَخِی! تَعَال ڀاءُ هيڏي اچو....! اِسْمَعْ کَلَامِی منهنجي ڳالهه ٻڌو! مان ويجهو ويس انهن پنهنجو هٿ منهنجي ڪنڌ تي رکيو ۽ فرمايو: وَ اللہ الْعَظِیْم اللہ حَیٌّ وَرَسُوْلُہٗ حَیٌّ الله پاڪ جو قسم! الله پاڪ به زندهه آهي ۽ ان جي عطا سان سندس پيارا رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به زندهه آهن. هُو قسم کڻڻ کان پوءِ فرمائڻ لڳو: واللہ الْعَظِیْم! اَلْمَدِینَۃُ کُلُّہَا جَنَّۃُ الْفِرْدَوْس الله پاڪ جو قسم! مديني پاڪ (۾ رڳو ٻه جنتون ناهن بلڪ مدينو شريف) پورو ئي جنت الفردوس آهي. ([1])
جنّت سے نہ کر واعِظْ تعبیر مدینے کی جنّت بھی ہے دُھندلی سِی تَصْوِیْر مدینے کی
مولانا منظور احمد شاهه صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو واقعو سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سامهون، محفل پاڪ ۾ ٻڌايو ته ماڻهن کي ان مجذوب صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملڻ جو شوق ٿيو پر تلاش جي باوجود اهو ڪاٿي نظر نه آيو.
عشاق سمجھتے ہیں اسے گلشنِ جنّت کہتے ہیں جسے لوگ بیابانِ مُحَمَّد
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! مدينو مدينو آهي، مديني پاڪ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، واقعي مدينو پاڪ عاشقن جي جنت آهي. هتي وضاحت ڪري ڇڏيان ته مديني شريف ۾ خاص زمين جو اهو حصو جيڪو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم پاڪ کان مليل آهي يعني قبر مبارڪ جو اندروني حصو هي جنت ته ڇا عرش اعظم کان به افضل آهي.
(فتاویٰ رضویہ، جلد:10، صفحہ:711)