Book Name:Madinay Ki Barkatain
جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: ”يارسولَ الله ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ )! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء ٺاهي؟“ فرمايائون: ”اي جابِر ! بيشڪ الله پاڪ تمام مخلوقات کان پهريان جيڪا شيءِ پيدا فرمائي اهو تنهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو نور مبارڪ آهي.
رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: الله پاڪ ان نور کي پيدا فرمائي ڪري 12 هزار سال قرب ۾ رکيو، پوءِ ان نور جا 4 حصا ڪيا، ان جي ٽن حصن مان عرش، ڪرسي ۽ عرش کڻڻ وارا ملائڪ پيدا فرمايا ۽ ان نور پاڪ جي چوٿين حصي کي وري ٻارهن هزار سالن تائين مقامِ محبت ۾ رکيو، وري 12 هزار سال کان بعد ان جا 4 حصا ڪيا، هڪ حصي مان قلم، هڪ حصي مان لوح ۽ هڪ حصي مان جنت بڻائي وئي. ([1])
سُبۡحٰنَ الله! اي عاشقانِ مدينه! ٿورو غور فرمايو! * جنت جيڪا مقامِ رحمت آهي * اها جنت جنهن جو نيڪ ماڻهن سان وعدو ڪيو ويو آهي * اها جنت جنهن جا قرآن ۽ حديث ۾ فضائل بيان ٿيا آهن، اها ئي جنت جن جي نور جي هڪ حصي مان بڻي آهي، اهي نور وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ جنهن شهر پرنور ۾ تشريف فرما آهن، ان کي مدينو چيو ويندو آهي، پوءِ عاشق ڇو نه چون ته مدينو سمورو ئي جنت الفردوس آهي. سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
اِتنا عجب بلندیِ جنّت پہ کس لئے
دیکھا نہیں کہ بھیک یہ کس اُونچے گھر کی ہے
وضاحت: يعني جنت ستن آسمانن کان مٿي آهي، جنت جي اهڙي اوچائي ۽ بلند شان تي تعجب ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڇا ڏسو نٿا ته اها ڪهڙي اوچي گهر يعني مالڪِ جنت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا ڪيل خيرات آهي.