Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

شهيد به ٿيا پوءِ انهن کي پڪڙي ڪري هميشه جي ننڊ سمهاريو ويو. لڳي ٿو هن پوليس واري جي ذهن ۾ اهو پيو اچي ته مان اُنهن مان آهيان. پوءِ اُن پنهنجي هڪ ٻئي ساٿي کي جيڪو قريب ويٺو اوٻاسيون ڏئي رهيو هيو پير سان ٿُڏو هڻي ڪري اٿاريو. اُن اٿندي ئي بندوق سنڀالي. نمازِ فجر جو وقت ويجھو هو ۽ وضو وغيره جي حاجت به هئي اهڙي صورت حال ۾ مديني جي عاشقِ جي دل وڏي بيقرار پئي ٿئي ته خبر ناهي هي ڇا ڪرڻ چاهين ٿا، پوليس واري ويجھو ئي هڪ ڪوٺڙي جيان ڪمري جو دروازو کولي ڪري اندر داخل ٿيڻ جو چيو. اميرِ اهلِ سنّت دل ئي دل ۾ اهو سوچي ڪري پريشان ٿي ويا ته خدانخواسته جيڪڏهن مون کي هي ماڻهو هتي ڇڏي ڪري هليا ويا ته طهارت و وضو پڻ نماز جي ادائيگي ڪيئن ٿي سگھندي؟ انهيءَ سوچ ۾ بي اختيار سندن جي زبان مبارڪ مان پنهنجي مادري زبان ميمڻي ۾ نڪتو:”يارسولَ الله! ڪِڏا ڦسائي ويو“ يعني يا رسولَ الله! مان ڪٿي ڦاسي ويس؟ مديني جي ديواني جي زبان مان هِن جملي جو نڪرڻ هيو ته شعرِ رضا  

واللہ  وہ سُن لیں گے فریاد کوپہنچیں گے                                                                    اِتنا بھی توہو کوئی جوآہ کرے دِ ل سے

(حدائق بخشش،ص143)

جي مِصۡداق مديني جي آقا جي مدد اچي وئي، فرياد ٻڌي وئي،. پوليس واري هڪ دم کلندي  دروازو بند ڪيو: سندن کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

مدد سرکار فرماتے ہیں   دیوانہ اگر کوئی                                                                                 تڑپ کریارسولَ اللہ کا نعرہ لگاتا ہے

(وسائل بخشش،ص436)

 (3): مدينو بٺي آهي

بخاري شريف ۾ آهي، پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! فرمايو: اَلْمَدِیْنَۃُ کَالْکِیْرِ  تَنْفِیْ خُبُثَہَا وَ یَنْصَحُ طَیِّبَہَا مدينو بٺي جيان آهي جيڪا لوهه جي مَرُ کي پري ڪري ڇڏيندي آهي ۽