Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

نبوي شريف جا ظاهري دروازا بند ٿي چڪاهئا، ([1]) مسجد شريف ۾ چند افراد تهجد جي نماز جي لاءِ موجود هئا، صبحِ صادق جو ڀاڳ ڀريو وقت هو، اميرِ اهلِ سنّت ذوق و شوق جي عالَم ۾ نور وَسائيندڙ سبز سبز گنبذ جي زيارت سان لطف وٺندي قَدَمَين شريفَين جي پاسي بابِ جبريل کان سبز سبز گنبذ جي پاڇي ۾ وڃن پيا پوءِ اتان کان اُبتي پير هلي ڪري ٻي پاسي وڃن پيا، عجيب ڪيف و سُرور سان ڀريل دل جي ڪيفيت هوندي. اهو سرسبز گنبذ جنهن جي زيارت جي لاءِ ڪروڙين اکيون ترسنديون آهن نگاهن جي سامهون آهي. انهيءَ ڪيف و مستي جي عالم ۾ هئا ته هڪ امتحان پيش اچي ويو. ٿيو ڪجھ ايئن ته مديني جي عاشِق کي تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري سنّت زلفون سجايل هيون. اُتي موجود هڪ پوليس واري کي خبر ناهي ڇا ذهن ۾ آيو جو اُن اميرِ اهلِ سنّت کي پنهنجي طرف سڏيندي چيو: ”تَعال“ يعني هيڏانهن اچو. جڏهن پاڻ اُن ڏانهن تشريف کڻي ويا ته اُن پڇيو هي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ڪوچه جانان (محبوب جي گھر) ۾ ذوق و شوق ڀريل هنن جذبات کي ڀلا لفظَن ۾ ڪيئن بيان ڪري سگھجي ٿو؟ الله بهتر ڄاڻي ٿو اُن کي ڪهڙو وهم ٿي ويو وڌيڪ پڇا ڪندي اُن اميرِ اهلِ سنّت کان پاسپورٽ گھريو، پاڻ فرمايائون: اُهو ته منهنجي رهائش گاهه تي آهي. پوءِ اهو سندن خَمۡ دار زُلفن کي ڏسندي چوڻ لڳو: هي ڇا آهي؟ عاشقِ سنّت مسڪرائيندي جواب ڏنو: اَلسُّنَّة يعني هي سنت آهي. شايد ديني معلومات گھٽ هئڻ سبب اُن اميرِ اهلِ سنّت جي ڏاڙهي شريف کي ڇُهَندي چيو: هٰذِهِ السُّنَّة يعني هي ڏاڙهي شريف سنّت آهي، زُلفون سنّت نه آهن. اهو ٻڌندي ئي اميرِ اهلِ سنّت جو خيال هن طرف ويو ته هڪ سال پهريان ئي مسجدِ حرام ۾ ڪجھ شر انگيز ماڻهو آيا هيا جن کي وڏا وڏا وار رکيل هيا اُنهن اُتي وڏيون بي ادبيون ڪيون ۽ ان دردناڪ واقعي ۾ ڪيئي حُجّاج ڪِرام


 

 



[1]…انهن ڏينهن ۾ مسجد شريف زائرين جي لاءِ سڄي رات کليل نه رهندي هئي.