Madinay Ki Barkatain

Book Name:Madinay Ki Barkatain

پريشانيون دور ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيڪي مديني ويا آهن، ٿورو انهن کان پڇي وٺو! سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جو جيڪو هي شعر آهي:

منگتا کا ہاتھ اُٹھتے ہی داتا کی دَیْن تھی                 دُور قبول و عرض میں بس ہاتھ بھَر کی ہے

هن شعر جي حقيقي تعبير مديني پاڪ ۾ واقعي محسوس ٿيندي آهي. اتي هڪ اڌ ڀيرو نه بلڪ بار بار ائين ٿيندو آهي، اڃان دل ۾ خيال ئي ايندو آهي ته مراد پوري ٿي ويندي آهي، ڪا مشڪل اچي وڃي، ڪا دشواري پيش اچي ته رڳو يارسول الله! پڪارڻ جي دير هوندي آهي، مشڪل ٽري ويندي آهي.

مرادون پوريون ٿيڻ جا مختصر واقعا

 هن حوالي سان هزارين واقعا ڪتابن ۾ لکيل آهن: مثال طور حضرت امام ابو بڪر بن مُقرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان ۽ امام طَبَراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ ابو الشيخ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اسان ٽئي مديني شريف ۾ حاضر هئاسين۔ ٻن ڏينهن کان کاڌو نه مليو هو ۽ بک سبب بيحال ٿي ويا هئاسين۔ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي درٻار ۾ عرض ڪئي، پياري آقاصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن جي خواب ۾ اچي ڪري انهن کي کاڌو پهچائڻ جو حڪم ارشاد فرمايو۔

(وفاء الوفا،الباب الثامن، فصل الثالث فی توسل...الخ،جز:4 ،جلد:2 ، صفحہ:200 خلاصۃً۔)

 حضرت احمد بن نفيس رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان هڪ دفعي مديني پاڪ ۾ سخت بک جي حالت ۾ سرڪار عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي مزارِ پُرانوار تي حاضر ٿيس، بُک لڳل هئي، سخين جي سخي، مڪي مدني  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيم، اڃان ٿوري ئي دير گذري هئي ته هڪ شخص آيو، مون کي گڏ هلڻ جي دعوت ڏني، مان ان سان گڏ ان جي گهر آيس، بهترين کاڌو پيش ڪندي چيو؛ پيٽ ڀري کائو ڇو ته مون کي اوهان جي ميزباني جو حڪم ڏنو  ويو آهي۔ (حُجَّةُ الله عَلَی الْعٰلَمِین، القسم الرابع ، الباب الثانی ،الفصل الثالث،صفحہ:573 خلاصۃً) * حضرت احمد بن محمد صوفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته مان