Book Name:Madinay Ki Barkatain
ٽن مهينن تائين جهنگلن ۾ ڦرندو رهيس، ايتري تائين جو منهنجي سڄي کل ڳري وئي۔ آخرڪار مان مدينه منوره زَادَھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا ۾ حاضر ٿي غمگين دلين جي چين، سروَرِ ڪونين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درٻار ۾ سلام عرض ڪيو ۽ سمهي پيس۔ ستل قسمت جاڳي پئي خواب ۾ جنابِ رسالت مآب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ٿي، شفقت به فرمائي ۽ خرچ جي لاءِ درهم(يعني چاندي جا سڪا) به عطا فرمايا. (وفاء الوفا،الباب الثامن،فصل الثالث فی توسل...الخ، جز:4 ،جلد:2 ، صفحہ:200 خلاصۃً) * اهڙي طرح حضرت ابو الخير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بارگاھ رسالت ۾ پهتا، روضه انور تي پهچي ڪري عرض ڪيو: اَنَا ضَیْفُکَ یارسولَ اللہ! يعني يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جو مهمان آهيان. هي چئي منبر جي ويجهو سمهي رهيو، اکيون بند ٿيون، دل جون اکيون کُلي ويون، سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ آيا، پنهنجي عاشق تي عنايتون فرمايون، کائڻ جي لاءِ ماني به عطا ڪئي، اڌ ماني پاڻ خواب ۾ ئي کائي ڇڏي، جڏهن جاڳيا ته اڌ ماني اڃا هٿ ۾ هئي. (وفاء الوفا، الباب الثامن، فصل الثالث فی توسل...الخ، جز:4، جلد:2، صفحہ:200 خلاصۃً) مُفَسِّرِشَهِيرحڪيمُ الاُمّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن مديني پاڪ ۾ حاضر ٿيا ته اتي سندن هڪ قلم تمام سٺو لڳو، خريدڻ چاهيو پر ايتري رقم موجود نه هئي، سو بارگاهِ رسالت ۾ عرض ڪئي، عرض ڪري رهائش وٽ واپس تشريف وٺي آيا، ڪجهه دير کان بعد سندن هڪ دوست آيو، اهو قلم ان جي هٿ ۾ هو، اچي مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پيش ڪيو ۽ چيو: هي مان اوهان جي لاءِ تحفو کڻي آيو آهيان. مفتي صاحب فرمائن ٿا: مون سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جي عطا سمجهي ڪري رکي ورتو ۽ نيت ڪئي ته هن قلم سان قرآن ڪريم جي تفسير لکندس. (حیاتِ سالِک، صفحہ:123 خلاصۃً)
مديني جي عاشق، شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو به هڪ نهايت خوبصورت واقعو آهي، سندن مديني ۾ حاضري جي پهرين رات هئي. مسجدِ