Book Name:Surah Al Maun
يعني دين کي ڪوڙو چوڻ واري شخص جو اخلاقي حال هي آهي ته اهو يتيم کي ڌِڪا ڏيندو آهي ۽ اهو پنهنجي گهر وارن ۽ ٻين مالدارن کي هن ڳالھ جي ترغيب ناهي ڏيندو جو اهو مسڪينن کي کاڌو ڏين.[1]
الله اڪبر! هي ڪنجوسي ڪيڏو خراب درجو آهي...!! ڪو ڪيڏو به ڪنجوس ڇونه هجي، روئيندڙ رڙندڙ، يتيم بي سهاري کي ڏسي ڪري ته ماڻهو کي ترس اچي ئي ويندو آهي، گهڻو نه ته هڪ ٻه وقت جو کاڌو ته ان کي کارائي ڇڏيندو آهي پر هي قيامت جو انڪار ڪرڻ وارو ڪيتري قدر بُرو آهي جو هي يتيمن، بي سهارن کي ڌِڪا ڏي ٿو، جيئن اسان ابو جهل جو واقعو ٻڌو، ان هڪ يتيم جي پرورش جي ذميداري کنئي، پوءِ ان جي ڪفالت ڪرڻ، ان جي سُٺي سار سنڀار ڪرڻ جي بدران ان بدبخت ابتو ان يتيم جي ئي مال تي قبضو جمائي ورتو ۽ ان کي ڌِڪا ڏئي ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو.
الله پاڪ جي پناھ...!! الله پاڪ اسان کي يتيمن، بي سهارن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
نهايت افسوس جي ڳالھ آهي ته اڄڪلھ اسان جي معاشري ۾ به يتيمن کي قدر جي نگاھ سان ناهي ڏٺو ويندو. يتيم ٻار کي ان جي يتيمي جو احساس ڏيارڻ. ان سان بُرو سلوڪ ڪرڻ. پنهنجي اولاد ۽ يتيم ٻار جي درميان فرق ڪري، ان جي ڏکائڻ ته معمولي ڳالهيون آهن، پر اسان جي معاشري ۾ اهڙا به نادان آهن جيڪي ڄاڻي واڻي يا بي خبري ۾ يتيمن جو مال کائي ويندا آهن. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ