Book Name:Surah Al Maun
عام استعمال جي معمولي شيءِ به گهري وٺي اهي ڏيڻ کان انڪارڪري ڇڏيندا آهن.[1]
عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: مستحب آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر ۾ اهڙي شيءِ پنهنجي حاجت کان وڌيڪ رکي جنهن جي پاڙي وارن کي ضرورت پوندي هجي ۽ انهن کي اوڌر ڏيندو ڪري.[2]
مسلمانن جي پياري امڙ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جو منع ڪرڻ حلال ناهي؟ فرمايائون: پاڻي، لوڻ ۽ باھ. مون عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! پاڻي کي ته اسان سمجهي وياسين، پر لوڻ ۽ باھ جو هي حڪم ڇو آهي؟ فرمايائون: اي حُميراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جنهن ڪنهن شخص کي باھ ڏني ان ڄڻ ان باھ مان ٺهيل سمورو کاڌو خيرات ڪيو ۽ جنهن ڪنهن شخص کي لوڻ ڏنو ان ڄڻ ان سمورو کاڌو خيرات ڪيو جنهن کي ان لوڻ مزيدار بڻايو ۽ جنهن ڪنهن مسلمان کي هڪ ڍُڪ پاڻي اتي پياريو جتي پاڻي عام ملندو هجي ان ڄڻ غلام آزاد ڪيو ۽ جنهن مسلمان کي اتي هڪ ڍُڪ پاڻي پياريو جتي پاڻي نه ملندو هجي ان ڄڻ ان کي زندگي بخشي.[3]
الله پاڪ اسان کي آخرت تي مضبوط يقين رکي، دل ۾ خوفِ خُدا وڌائڻ، بارگاھِ الاهي ۾ حاضري جو فڪر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اسان ڪافرن ۽