Book Name:Surah Al Maun
احسان ڪري مان ۽ اهو جنّت ۾(آڱريون ملائي ڪري فرمايون ته) هن طرح هونداسين.[1]
هن حديث پاڪ جي حوالي سان مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص عزيز يا اجنبي يتيم جي مٿي تي محبت ۽ شفقت سان هٿ ڦيري ۽ هي محبت صرف الله ۽ رسول ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي رضا جي لاءِ هجي ته هر وارَ جي بدلي ان کي نيڪي ملندي. هي ثواب ته خالي هٿ ڦيرڻ جو آهي جيڪو ان تي مال خرچ ڪري، ان جي خدمت ڪري، ان کي تعليم ۽ تربيت ڏي سوچيو ته ان جو ثواب ڪيترو هوندو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! يتيم جي مٿي تي هٿ ڦيرڻ سان نيڪين جي حصول سان گڏوگڏ دل جي سختي دور ٿيندي ۽ حاجتون به پوريون ٿينديون آهن جيئن ته حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ شخص پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري پنهنجي دل جي شڪايت ڪئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا تون چاهين ٿو ته تنهنجي دل نرم ٿي وڃي ۽ تنهنجون حاجتون پوريون ٿين؟ ته يتيم تي رحم ڪندو ڪر ۽ ان جي مٿي تي هٿ ڦيريندو ڪر ۽ پنهنجي کاڌي مان ان کي کارائيندو ڪر ائين ڪرڻ سان تنهنجي دل نرم ٿيندي ۽ حاجتون پوريون ٿينديون.[3]
جڏهن به ڪنهن يتيم جي مٿي تي هٿ ڦيرڻو هجي ته مٿي جي پٺيان کان هٿ ڦيريندي اڳيان جي طرف کڻي اچو جيئن ته حديثِ پاڪ ۾ آهي: ڇوڪرو يتيم