Book Name:Surah Al Maun
سورتن مان) آهي هن سورت ۾ 1 رڪوع ۽ 7 آيتون آهن. ماعون جي معنٰي آهي استعمال جي معمولي شيءِ ۽ هن سورت جي آخري آيت ۾ هي لفظ موجود آهي ان مناسبت سان هن کي سورت ماعون چوندا آهن. هي به چيو ويو آهي ته هي سورت اڌ مڪي ۾ مڪي جي ڪافرن جي لاءِ مثلاً ابوجهل. عاص بن وائل وغيره جي متعلق نازل ٿي جڏهن ته هن جو باقي اڌ حصو عبدُ الله بن ابي سلول مُنافق جي باري ۾ مديني پاڪ ۾ نازل ٿيو. [1]
علّامه بُقاعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: سورت ماعون ۾ بنيادي طور تي هي نڪتو سمجهايو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن اٿڻ ۽ بارگاھِ الهي ۾ پيش ٿيڻ جو انڪار ڪرڻ اَبُوالْخَبَائِث (بُرائين جي پاڙ) آهي. ان انڪار جي سبب انسان بُري اخلاق ۽ خراب ڪردار جو عادي ٿي ويندو آهي.[2]
قيامت جي ڏينهن جو اهو ئي انڪار ماڻهو کي ظالم بڻائيندو آهي، جيڪو قيامت جو انڪار ڪندو آهي، ان جي اندر مان انسانيت ختم ٿي ويندي آهي، اهو انساني شڪل ۾ حيوان بڻجي ڪري يتيمن، مسڪينن ۽ بي سهارن تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ڌڪا ڏيندو آهي، اهو ئي قيامت جو انڪار ماڻهو کي رياڪار بڻائيندو آهي، اهو قيامت جو انڪار ٻانهي کي پنهنجي ربَّ ڪريم جو نافرمان بڻائيندو آهي ۽ انهيءَ انڪار جي سبب ماڻهو بخل يعني ڪنجوسي ۽ لالچ ۽ هَوس جي کاهي ۾ ڦاسي ڪري تباھ ٿي ويندو آهي.
آخرت کان بي خوفي جو وبال
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الحمد لله! مسلمان آهيون، الله پاڪ جو وڏو فضل