Book Name:Surah Al Maun
ڪمَ ڪري نه ته جيڪو به اهو کائيندو دوزخ جي باھ کائيندو. قيامت ۾ ان جي منهن مان دُونهون نڪرندو. حديث شريف ۾ آهي ته يتيم جو مال ظلماً کائڻ وارا قيامت ۾ هن طرح اٿندا جو انهن جي منهن، ڪن نڪ مان بلڪه انهن جي قبر مان دُونهون اڏرندو هوندو جنهن سان اهي سڃاتا ويندا ته هي يتيمن جو مال ناحق کائڻ وارا آهن.[1]
الله پاڪ اسان کي يتيمن بلڪه تمام مسلمانن جا حقَ پورا پورا ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اچو! يتيم ٻارن سان ڀلائي ڪرڻ جي فضيلتن تي 3 حديثون ٻڌون ٿا:
يتيم ۽ مسڪين جي ڪفالت جا فضائل
(1): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مسلمانن ۾ بهترين گهر اهو گهر آهي جنهن ۾ يتيم هجي ۽ ان سان سُٺو سلوڪ ڪيو ويندو هجي ۽ مسلمانن ۾ بدترين گهر اهو گهر آهي جنهن ۾ يتيم هجي ۽ ان سان بُرو سلوڪ ڪيو ويندو هجي.[2] (2): پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مسڪين ماڻهو جنّت ۾ مالدارن کان 40 سال پهريان ويندا، اي عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها! مسڪين کي خالي نه موٽاءِ جيتوڻيڪ کُجور جو ٽڪرو ئي هجي ان کي ڏئي ڇڏ. اي عائشه رَضِىَ اللهُ عَنْها! مسڪينن سان محبت ڪر، انهن کي ويجهو رکُ ته جيئن الله پاڪ قيامت ۾ توکي ويجهو ڪري ڇڏي.[3] (3): پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو شخص يتيم جي مٿي تي صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هٿ ڦيري ته جيترن وارن تي ان جو هٿ گذرندو هر وار جي بدلي ۾ ان جي لاءِ نيڪيون آهن ۽ جيڪو شخص يتيم ڇوڪريءَ يا يتيم ڇوڪري تي