Book Name:Surah Al Maun
يقين ڪيو! جيڪڏهن اسان کي قبر ۽ حشر ۽ بارگاھِ الهي ۾ پيشي جو حقيقي خوف نصيب ٿي وڃي ته اسان جو معاشرو واقعي مثالي معاشرو بڻجي ويندو، اسان جي معاشري مان تمام بُرايون ختم ٿي وڃن، گناھن جا اڏا ويران ٿي وڃن ۽ پورو معاشرو دنيا ۾ جنّت جي تصوير بڻجي -وڃي.
الله پاڪ اسان کي اهڙو حقيقي خوف نصيب فرمائي. الله پاڪ اسان کي حقيقي، باڪردار ۽ بااخلاق مسلمان بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
تِرے خوف سے، تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یااِلٰہی!
مِرے اَشْک بہتے رہیں کاش ہر دَم ترے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی![1]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سورت ماعون ۾ بنيادي طور تي ڪافرن ۽ منافقين جي 4 عيبن جو ذڪر آهي: (1): بخل يعني ڪنجوسي (2): نمازن ۾ سُستي ۽ لاپرواهي (3): رياڪاري ۽ (4): ٻين جي خيرخواهي نه ڪرڻ.
ڪافر جيڪي دين جو، مرڻ کان بعد اٿڻ ۽ قيامت قائم ٿيڻ جو انڪار ڪندا آهن، انهن جو پهريون عيب آهي: بخل يعني ڪنجوسي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
یَدُعُّ الۡیَتِیۡمَ ۙ(۲) وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الۡمِسۡکِیۡنِ ؕ(۳) (سيپارو: 30، سورة ماعون: 1_3)
ترجمو ڪنزالعرفان: يتيم کي ڌِڪا ڏئي ٿو ۽ مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.