Book Name:Surah Al Maun
جڏهن ماڻهن جي سامهون هوندا آهن ته نمازي بڻجندا، پاڻ کي نمازي ظاهر ڪندا ۽ انهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ اٿي ويهي وٺندا آهن ۽ حقيقت ۾ اهي ماڻهو نماز کان عافل آهن.[1]
نماز کان غفلت جون ڪجھ صورتون هي آهن، مثال طور نماز پابندي سان نه پڙهڻ، صحيح وقت تي نه پڙهڻ، فرائض ۽ واجبات کي صحيح طريقي سان ادا نه ڪرڻ، شرعي عُذر جي بغير باجماعت نه پڙهڻ، نماز جي پرواھ نه ڪرڻ اڪيلائي ۾ قضا ڪري ڇڏڻ ۽ ماڻهن جي سامهون پڙهي وٺڻ وغيره.
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان غور ڪيون ته هي صورتون به هاڻي اسان جي معاشري ۾ تمام گهڻيون پاتيون وڃن ٿيون، ڪيئي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي نمازن جي پابندي ناهن ڪندا، نمازون قضا ڪندا آهن، نماز جي فرضن ۽ واجبن جي درست ادائيگي ته پري جي ڳالھ، مسلمانن جو هڪ تعداد اهڙو آهي جن کي نماز جي فرضن ۽ واجبن جي پوري معلومات به ناهي هوندي، ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي نماز جي بلڪل پرواھ ئي ناهن ڪندا، ڪڏهن دل چيو ته پڙهي ورتي، ڪڏهن نه پڙهي، ڪو 2 پڙهندو آهي، ڪو 4 پڙهي ڪري دل کي مڃائي وٺندو آهي، ڪو بنا عُذر جماعت ڇڏيندو آهي ۽ اهڙن جو به هڪ تعداد آهي جيڪي جمعو جمعو يا صرف عيد جي ڏينهن ئي مسجد جو رخ ڪندا آهن.
ياد رکو! نماز دين جو اهم ترين رُڪن آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: