Book Name:Surah Al Maun
فَخَلَفَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ خَلۡفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوۡفَ یَلۡقَوۡنَ غَیًّا (ۙ۵۹)
(سيپارو: 16، سورة مريم: 59)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنّم جي خوفناڪ واديءِ غَي سان ملندا.
هن آيتِ ڪريمه ۾ غَيّ جو تذڪرو آهي، حضرت علّامه مولانا مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: غَيّ جهنّم ۾ هڪ وادي آهي جنهن جي گرمي ۽ گهرائي سڀ کان وڏي آهي، ان ۾ هڪ کوھ آهي جنهن جو نالو هَب هَب آهي، جڏهن جهنّم جي باھ وسامڻ واري هوندي آهي الله پاڪ ان کوھ کي کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان اها بدستور (يعني پهريان جيان) ڀڙڪڻ لڳندي آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! خوفِ خُدا ۾ ڏڪي وڃو! گهٻرائي ڪري جلدي پنهنجي گناھن کان توبھ ڪري وٺو! قرآنِ ڪريم ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي نمازون ضايع ڪندا آهن اهي غَي نالي جهنّم جي هولناڪ کوھ جا حقدار آهن. هن خوفناڪ کوھ کي سمجهڻ جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن دنياوي وڏي کوھ جي ڪناري بيهي ڪري ان جي گهرائي ۾ ٿوري نظر وجهو ۽ سوچيو ته جيڪڏهن دنيا جي ان کوھ ۾ ئي قيد ڪيو وڃي ته ڇا اسان هن سزا کي برداشت ڪري سگهنداسين؟ جيڪڏهن نه ۽ يقيناً نه ته پوءِ جهنّم جي خوفناڪ کوھ جو عذاب ڪيئن برداشت ٿي سگهندو!
منقول آهي: قيامت جي ڏينهن نمازن ۾ سُستي ڪرڻ وارو هن حال ۾ ايندو جو ان جي چهري تي ٽي سٽون لکيل هونديون: (1): اي الله جو حق برباد ڪرڻ