Surah Al Maun

Book Name:Surah Al Maun

هجي ته ان جي مٿي تي هٿ ڦيرڻ ۾ اڳيان آڻي ۽ جڏهن ان جو پيءُ هجي (يعني ٻار يتيم نه هجي) ته هٿ ڦيرڻ ۾ ڪنڌ جي طرف کڻي وڃي.[1]

هڪ افطار يتيم ۽ مسڪين سان گڏ

    جيڪڏهن ڪو رشتيدار ناهي، تڏهن به يتيم ۽ مسڪين کي افطاري ڪرائڻ ڪو حرج  ئي ڪهڙو آهي بلڪه يتيم ۽  مسڪين جي افطاري ڪرائڻ ۾ ثواب گهڻو ملڻ جي اميد آهي. صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْهما جي عادت مبارڪ هئي ته پاڻ افطاري مسڪينن سان ڪندا هئا.[2]

   سُبْحٰنَ اللہ! اسان به نيّت ڪيون گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ افطار ته ڪنهن غريب سان ڪيون، اِنْ شَآءَاللہُ الْکَرِیْم! ان جي دل جوئي ٿيندي، ان جي دل مان دعائون نڪرنديون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جو ٻيڙو پار ٿي ويندو.

(2): نماز کي اهميت نه ڏيڻ

   پيارا اسلامي ڀائرو! سورت ماعون ۾ قيامت جو انڪار ڪرڻ وارن جو ٻيو عيب بيان ٿيو ته اهي نماز کي اهميت ناهن ڏيندا، نمازن ۾ سُستي ۽ لاپرواهي ڪندا آهن، ارشاد ٿئي ٿو:

الَّذِیۡنَ ہُمۡ عَنۡ صَلَاتِہِمۡ سَاہُوۡنَ ۙ(۵(سيپارو: 30، سورت ماعون: 5)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪي پنهنجي نماز کان غافل آهن.

 تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي: ان مان مُراد منافقين آهن جو جڏهن اهي اڪيلا هوندا آهن ته نماز ناهن پڙهندا ڇوته ان جي فرض هجڻ جو اعتقاد ناهن رکندا ۽


 

 



[1] معجمِ اَوْسَط،جلد:1 ،صفحہ:351،حدیث:1279۔

[2] لطائف المعارف ،صفحہ:233۔