Book Name:Surah Al Maun
ڪري پنهنجي ربّ ڪريم کي ڪهڙيءَ طرح راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.
ترے کرم سے مِلا مغفرت کاہے عشرہ رہائی نارِ جہنّم سے ہو عطا یَارَبّ!
اِلٰہی رہ گئے رمضاں کے آخِری روزے رِہائی نارِ جہنّم سے ہو عطا یَارَبّ!
اِلٰہی! رہ گئیں رمضاں کی آخِری گھڑیاں کرم سے بخش بھی دے ہم کو یاخُدا یَارَبّ![1]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! ماھِ نُزولِ قرآن جي هنن بابرڪت گهڙين ۾ اچو! قرآنِ ڪريم جي هڪ مختصر سورت: سورتِ ماعون جو ترجمو ۽ ان جي مختصر وضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا. ان کان پهريان پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سيرت جو هڪ خوبصورت واقعو ٻڌون ٿا:
روايتن ۾ آهي: مڪي پاڪ ۾ هڪ يتيم ٻار هو، هن امّت جي فرعون يعني مڪي پاڪ جي تمام وڏي ڪافر ابو جهل ان يتيم جي پرورش جي ذميداري پنهنجي مٿان کنئين ۽ اهو سمورو مال جيڪو ان ٻار کي وراثت ۾ مليو هو، اهو به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.
هاڻي گهرجي ها ته ابو جهل ان يتيم ٻار جي سُٺي طرح سار سنڀارَ لهي ها پر اهو بدبخت غير مُسلم هو، ان جي دل ۾ حرص ۽ هوس ڀريل هئي، ان يتيم جي پرورش ڪرڻ جي بدران، ويتر ان جي مالَ تي قبضو ڪري ورتو. هڪ