Book Name:Surah Al Maun
الله پاڪ جي رضا کان علاوه ڪنهن ٻئي ارادي سان عبادت ڪرڻ. ڄڻ عبادت مان هي مطلب هجي ته ان جي عبادت تي آگاھ هجن ته جيئن انهن ماڻهن کان مال ڦٻائي يا ماڻهو ان جي تعريف ڪن يا ان کي نيڪ ماڻهو سمجهن يا ان کي عزّت وغيره ڏين.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! رياڪاري نهايت ئي بُري بيماري آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا وَ زِیۡنَتَہَا نُوَفِّ اِلَیۡہِمۡ اَعۡمَالَہُمۡ فِیۡہَا وَ ہُمۡ فِیۡہَا لَا یُبۡخَسُوۡنَ (۱۵)
(سيپارو: 12 سورة هود: 15)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪو دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهيندو هجي ته اسان دنيا ۾ کيس ان جي عملن جو پورو بدلو ڏينداسين ۽ ان کي دنيا ۾ ڪجھ گهٽ نه ڏنو ويندو.
حضرت ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما هن آيت جي تفسير ۾ فرمائن ٿا ته رياڪارن کي دنيا ۾ ئي انهن جي نيڪين جو بدلو ڏنو ويندو آهي ۽ انهن تي ذري برابر به ظلم ناهي ڪيو ويندو.[2]
رِیاکاریوں سے بچا یاالٰہی! بنا مجھ کو مُخلِص بنا یاالٰہی!
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد