Book Name:Surah Al Maun
ان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
هي ڏسي ڪري قريش جا ماڻهو حيران ٿي ويا، جڏهن انهن ابوجهل کان معاملو پڇيو ته چيائين: خُدا جو قسم! مون محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساڄي ۽ کاٻي هڪ نيزو ڏٺو، مونکي هي خوف ٿيو ته جيڪڏهن مون انهن جي ڳالھ نه مڃي ته اهو نيزو مونکي ڦاڙي ڇڏيندو. [1]
مُعْطِی مطلب تمہارا ہر اِشارہ ہو گیا جب اِشارہ ہو گیا،مطلب ہمارا ہو گیا
ڈوبتوں کا یانبی کہتے ہی بیڑا پار تھا غم کِنارے ہو گئے، پیدا کِنارہ ہو گیا
نام تیرا، ذِکْر تیرا، تو ترا پیارا خیال ناتوانوں، بےسہاروں کا سہارا ہو گیا[2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! تفسيرِ صراطُ الجنان ۾ آهي ته جڏهن ابو جهل ۽ ان يتيم ٻار جو هي واقعو ٿيو ته سيپارو: 30، سورت ماعون جون پهريون ڪجھ آيتون نازل ٿيون، الله پاڪ فرمائي ٿو:
اَرَءَیۡتَ الَّذِیۡ یُکَذِّبُ بِالدِّیۡنِ ؕ(۱) فَذٰلِکَ الَّذِیۡ یَدُعُّ الۡیَتِیۡمَ ۙ(۲) وَ لَا یَحُضُّ عَلٰی طَعَامِ الۡمِسۡکِیۡنِ ؕ(۳)
(سيپارو: 30، سورة ماعون: 1_3)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو دين کي ڪوڙو چوي ٿو پوءِ اهو اهڙو آهي جيڪو يتيم کي ڌِڪا ڏئي ٿو ۽ مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي.
اي عاشقانِ رسول! سورت ماعون مڪي (يعني هجرت کان پهريان نازل ٿيڻ وارين