Book Name:Surah Al Maun
آهي جو اسان قيامت تي ايمان رکون ٿا، اسان جو پڪو يقين آهي ته مرڻ کان بعد به هڪ زندگي آهي، الله پاڪ جڏهن چاهيندو، مُردن کي ٻيهر زندھ فرمائيندو، حشر ٿيندو، سڀئي اڳيان پٺيان ميدانِ محشر ۾ جمع ٿيندا، اعمال جو حساب ٿيندو، بارگاھِ الهي ۾ پيشي ٿيندي، ضرور ٿيندي. الحمدلله! اسان هي سڀ ڄاڻون به ٿا، ۽ ان تي پڪو يقين به رکون ٿا.
پر افسوس! اسان جي اندر مان قيامت جو خوف نڪرندو پيو وڃي، بارگاھِ الاهي ۾ پيشي جو خوف ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري ۾ بگاڙ جي هي بنيادي وجھ آهي. جيتوڻيڪ گناھن جا، ڏوهن جا ٻيا به کوڙ سبب آهن، انهن مان هڪ اهم ۽ بنيادي سبب آخرت جي خوف جي گهٽتائي به آهي. غور ڪيو! شراب ڇو پيتو ويندو آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان ماڻهو بدڪاري جي طرف جو وڌندو آهي، آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. رشوت ڇو کائيندا آهن؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. چوريون چو ٿينديون آهن؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. ڦرون ڇو ٿينديون آهن؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. ناحق قتل ڇو ٿيندا آهن؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. جوا جا اڏا ڇو هلندا آهن؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. ٻين کي ناحق تڪليف ڇو پهچائي ويندي آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. غيبت ڇو ٿيندي آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. چغلي، ڪوڙ، وعده خلافي، گارگند، هي سڀ ڇو آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. گهر گهر ۾ جهيڙو جهڳڙو ڇو آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان. ماپڻ تورڻ ۾ گهٽتائي ڇو ٿيندي آهي؟ آخرت جي خوف جي ڪَمي جي وجھ سان، مطلب ته: گناھن جي جيتري به وڏي فهرست ٺاهي وڃي، انهن تمام گناھن جي سببن مان جيڪا بنيادي شيءِ ملندي اها آخرت جي خوف جي ڪَمي هوندي.