Book Name:Surah Al Maun
پياري عبادت آهي: اعتڪاف. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوري رمضان مهيني جو اعتڪاف ڪرڻ ثابت آهي ۽ آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام محبوب هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آخري ڏهاڪي جي اعتڪاف جو خوب اهتمام فرمائيندا هئا، ايستائين جو هڪ ڀيري ڪنهن سبب رمضانُ المبارڪ ۾ اعتڪاف نه ٿي سگهيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شوال ۾ اعتڪاف فرمايو.[1]
پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنّم جي درميان 3 خندقون آڙ ڪري ڇڏيندو، هر خندق جي مسافت (يعني دوري) مشرق ۽ مغرب جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي.[2] امُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ جنهن ايمان جي حالت ۾ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پٺيان گناھ بخشيا ويندا.[3] هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو: جنهن رمضانُ المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو اهو ائين آهي ڄڻ 2 حج ۽ 2 عُمرا ڪيا.[4]
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مُلڪ ۽ بيرونِ ملڪ هزارين مسجدن ۾ لکين لکَ عاشقانِ رسولِ سڄو رمضان جو مهينو ۽ آخري ڏهاڪي