Book Name:Surah Al Maun
جو اعتڪاف ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن، جيڪو هڪ مڪمل شيڊول جي مطابق ذڪر و اذڪار، فرائض ۽ نوافل ۽ ٻين عبادتن سان گڏوگڏ روزانو بعدِ عصر ۽ تراويح کان پوءِ 2 مدني مذاڪرن جي ذريعي علمِ دين حاصل ڪندا ۽ سنّتن جي تربيت ماڻيندا آهن. پڻ ڪيئي اعتڪاف ڪرڻ وارا رمصانُ المبارڪ جي اختتام تي عيد واري رات ئي عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن جي تربيت جي مدني قافلن جا مسافر بڻجي ويندا آهن، ڪيئي مختلف مدني ڪورسز جي سعادت حاصل ڪندا آهن.
اچو! ترغيب جي لاءِ اجتماعي اعتڪاف جي هڪ مدني بهار ٻڌو ٿا:
گناھن ڀَري زندگي ۾ بهار اچي وئي
ڊيره الله يار (صوبه بلوچستان، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان پهريان گناھن جي کاهي ۾ ڦاٿل هيس، فلمون ڏسڻ ۽ بدنگاھي وغيره منهنجا پسنديده مشغلا هئا، هڪ ڀيري هڪ عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان منهنجي ملاقات ٿي، انهن تمام پياري انداز ۾ مونکي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، انهن جو حڪمت ڀَريو ۽ پيارو انداز ڏسي ڪري منهنجي دل تي چوٽ لڳي ۽ مان رمضانُ المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت جي لاءِ فيضانِ مدينه پهچي ويس. دورانِ اعتڪاف مبلغين اسلامي ڀائرن جي سنّتن ڀَري بيانن، پُر سوز مناجات ۽ رقّت انگيز دعائن سان منهنجي دل جي دنيا بدلجي وئي، مون پهريان جي گناھن کان توبھ ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس، ان جي برڪت سان منهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون (Positive Changes) اچڻ لڳيون، مون عمامي شريف جو تاج به سجائي ورتو، سنّت جي مطابق ڏاڙهي شريف به