Surah Al Maun

Book Name:Surah Al Maun

ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هاءِ! رمضان وڃي رهيو آهي...!

   پيارا اسلامي ڀائرو! رمضانُ المبارڪ جو مُقدس مهينو آهي، ٻيو عشرو جنهن کي مغفرت جو عشرو چيو ويندو آهي، جاري ۽ ساري آهي، هاڻي ڪجھ ئي ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي، اسان رمضان جي آمد جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، رمضان جي آمد جو سوچي ڪري عاشقانِ رمضان جون دليون جهومي رهيون هيون، پوءِ رمضان شريف به تشريف وٺي آيو ۽ هاڻي تيزي سان گذرندو پيو وڃي، ٻيو عشرو جاري آهي ۽ هي به جلدي جلدي اختتام ڏانهن وڌي رهيو آهي، رحمتن، برڪتن واريون مبارڪ گهڙيون تيزيءَ سان گذري رهيون آهن.

دِل کو رُلا رہا ہے،رمضان جا رہا ہے                                                                                         حسرت بڑھا رہا ہے،رمضان جا رہا ہے

اس ہجر کو جو سوچا،آہیں نکل پڑی ہیں                                                                                    دِل ڈگمگا رہا ہے،رمضان جا رہا ہے

روکو!کوئی تو روکو!ماہِ کرم کو روکو!                                                                                                       دامن چُھڑا رہا ہے،رمضان جا رہا ہے

اب تک وہیں ہے غفلت،کچھ نہ ہوئی عبادت                                      دِل خوف کھا رہا ہے، رمضان جا رہا ہے

 اي عاشقانِ رسول! اڃان ڏينهن باقي آهن، اي ڪاش! دل تان غفلت جا پردا هٽي وڃن، شيطان ته پهريان کان ئي قيد آهي، ڪاش! هي نفسِ امّاره به ڪهڙيءَ طرح سُڌري وڃي ۽ اسان رمضان جي هنن مبارڪ گهڙين کي غنيمت ڄاڻي