Book Name:Surah Al Maun
وارا! (2): اي الله جي غضب سان مخصوص! (3): جهڙيءَ طرح دنيا ۾ تو حقُ الله يعني الله پاڪ جو حق ضايع ڪيو اهڙيءَ طرح اڄ تون به الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿي وڃ.[1]
پڑھتے رہو نَماز تو جنت کو پاؤ گئے چھوڑو گے گر نَماز جہنم میں جاؤ گے
الله پاڪ اسان کي سچو، پڪو نمازي بڻجڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جو انڪار ڪرڻ وارن جو ٽيون وصف هي بيان ٿيو ته اهي رياڪاري ڪندا آهن، الله پاڪ فرمائي ٿو:
الَّــذِیۡـنَ ہُـمۡ یُـرَآءُوۡنَ ۙ(۶) (سيپارو: 30، سورت ماعون: 6)
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا.
يعني منافق فرضن جي ادائيگي الله پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ نه بلڪه ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ ڪندا آهن.[2]
رياڪاري جي تعريف هي آهي ته پنهنجي عمل کي ان ارادي سان ظاهر ڪرڻ ته ماڻهو ان کي ڏسي ڪري ان جي عبادت گذاري جي تعريف ڪن.[3]